شمس الدين گونگو نظاماڻي

شمس الدين گونگو نظاماڻي

شمس الدين گونگو نظاماڻي

شمس الدين گونگو نظاماڻي: گونگا ايسوسيئيشن جو بنياد وجهندڙ ۽ جي. ايم سيد جي ويجهي ساٿي شمس الدين گونگي 1927ع ڌاري ڳوٺ خان نظاماڻي'>باقر خان نظاماڻي، تعلقي ٽنڊي آدم ضلعي سانگهڙ ۾ رئيس غلام علي خان نظاماڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. اڃا ڄمار جا 2 ورهيه ئي مس پورا ڪيائين ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن ڪري هن بي زبان ٻار جي پرورش، تعليم ۽ تربيت سندس چاچي حاجي تاج محمد نظاماڻيءَ پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪئي. شمس الدين، گونگو ضرور هو، پر انتهائي ذهين هو، اهو ئي سبب هو جو پاڻ ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي چاچي وٽان سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ سکي ورتو. سن 1968ع ۾ هن گونگن ۽ ٻوڙن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ اڳتي هلي 1971ع ڌاري آل پاڪستان گونگا ايسوسيئيشن جو بنياد وڌائين، سندس وفات کان پوءِ به هلي ۽ پاڻ اُن جو تاحيات صدر رهيو. سنڌ جي قومپرست رهنما جي. ايم سيد سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هئس، کيس پنهنجو مرشد سمجهندو هو. هن جي گونگائپ ۽ اڪيلائپ کي ڏسي، جي. ايم سيد سندس زرعي زمين پنهنجي خاص ڪوششن سان ‘ڪورٽ آف وارڊس’ جي سنڀال هيٺ ڏياري ته جيئن مٿس ڪير ناجائز قبضو نه ڪري. شمس الدين 1977ع ڌاري شادي ڪئي ۽ پيار جي پرڻي کانپوءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي ڇڏي اچي سن ۾ رهڻ لڳو. جتي کيس هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو. سندس پٽ راجا غلام علي نظاماڻيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
هيءُ هر سال 12 ربيع الاول جي ڏهاڙي تي هڪ وڏي دعوت عام ڪندو هو، جنهن ۾ سڄي پاڪستان جا گونگا ۽ ٻوڙا شريڪ ٿيندا هئا.
شمس الدين گونگي 1991ع ۾ سن شهر ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت موجب کيس شاهه حيدر سنائيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاهه سائين جي ايم سيد جي پيرانديءَ کان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو